رات
رات سپنو ٽٽو ستاري جيان،چهرو چڻگُن جي صورت ۾،وکري ويو انڌاري ۾.چوٿين تاريخ جو چنڊمُرڪي پيوآڪاش جي چپڙن جيصورت ۾.جاڳ منهنجي ڇرڪ ڀري اُڏامي وئي،بادلن جيان.ياد تنهنجي ماڪ جي صورت ۾ منهنجي اکڙين کي چُمندي رهي.وسيهر جيان ڪنڌ کڻياڀرندڙ باک جي ڏنگ کانڦهلجي وئي نيراڻهر عڪس ۾،هر شيءِ ٿي وئي غروبروشنيءَ جي قبر ۾.بس هڪ تنهنجي صورت هئي،جا واضع ٿي وئي.
Comments
Post a Comment