غزل #انجم_قاضي# هر آس کي تيلي ڏئي گذري ويو احساس کي تيلي ڏئي گذري ويو ڪلھ رات منهنجي خواب ۾ ڪوئي اچي آڪاس کي تيلي ڏئي گذري ويو پوپٽ، ڀنڀوريون، گل سڀئي سڙندا رهيا ڪو واس کي تيلي ڏئي گذري ويو پيئي اڏامي خاڪ ٿي هاڻي رڳو بنواس کي تيلي ڏئي گذري ويو انسانُ پنهنجِي پاڻ ئي تهذيب جي اتهاس کي تيلي ڏئي گذري ويو بدبوءِ ٿي انجم! ڀرم مان ڄڻ اچي وشواس کي تيلي ڏئ...