Posts

Showing posts from February, 2019

مبين اڄڻ

پيار پوپٽ آ ،  يار پوپٽ آ . گلاب بدن تي ،  ٻار پوپٽ آ . ڳچي ۾ پاتل ، هار پوپٽ آ . ابي امڙ جي ، مار پوپٽ آ . مبين اڄڻ

انجم قاضي

غزل                #انجم_قاضي# هر  آس    کي    تيلي   ڏئي   گذري   ويو احساس    کي    تيلي   ڏئي   گذري  ويو ڪلھ رات منهنجي خواب ۾ ڪوئي اچي آڪاس   کي    تيلي    ڏئي   گذري   ويو پوپٽ، ڀنڀوريون، گل  سڀئي  سڙندا رهيا ڪو واس  کي   تيلي   ڏئي   گذري  ويو پيئي   اڏامي   خاڪ    ٿي    هاڻي   رڳو بنواس    کي   تيلي    ڏئي   گذري   ويو انسانُ   پنهنجِي   پاڻ   ئي   تهذيب  جي اتهاس    کي    تيلي    ڏئي   گذري   ويو بدبوءِ  ٿي  انجم!  ڀرم   مان   ڄڻ   اچي وشواس   کي   تيلي   ڏئ...

جهڙي سنڌ ٿئي تهڙا سنڌي ٿئي

*جھڙي سنڌ ٿئي تھڙا سنڌي ٿئي* *اڄ تنهنجي لاء موت بڻجي آيا ٿئي* *جند جان توتان سنڌ سر قربان توتان* *بي گناھ پيو تون ماڻھو ماري*  *شھيد ارشاد رانجھاڻي سان ڪو انصاف ڪري* *مڙي ويندم اھا ڀل ٿئي*  *ويا شھيد ٿئي بشير قريشي جھڙا* *سنڌ مان ڪڍي ھا ان وقت توکي بڇڙا* *اسانجي توسان ھاڻي جنگ ٿئي* *وفا مشتاق کي ڏاڍو ارمان ٿيو آھي* *سھندڙا سڏ ۾ سڏ اوھان سان آھي* *اچي ڏس ٻاھر سنڌي آيا ٿئي*

سنڌي شاعري

*ڪاروانِ زندگيءَ جو ساربان1 آهيان.* *تنھنجي گهر ۾ تنھنجو ٿيو مھمان آهيان.* *تنھنجي ڪرم نوازيءَ جو مشڪور آهيان،* *ڇو ته مھمان بڻجي ٿيو ميزبان آهيان.* *ڏئين تون ڏاتار ته سڙي ٿو مرچوس،* *انھيءَ ڳالهه تي ٿيندو خندان آهيان.* *مان ڪجهه ڀي نه آهيان مگر تون ته آهين،* *تنھنجي رِٿ ۽ رَچنا جو سامان آهيان.* *ڪري ترڪ دنيائي هر تن کي مان،* *ولا تقنطو ڏي ڪندو ڌيان آهيان.* *❣پـــــرنـــس مـــــظــفــر گـلال💕*

sindhi poetry

تو بنان جي وڃڻ، آھي جيئري مرڻ. تون جھروڪو ٿڌو، مان اڃارو ھرڻ. ڇو اُجھامي ويو؟ تنھنجو ٻھڪي ٻرڻ. پيار توسان پرين، ڄڻ عبادت ڪرڻ. منھنجو معمول توکي، کليا خط لکڻ. ياد تنھنجو اچي، ٽڪٽڪيءَ ۾ ڏسڻ. زندگي گھر منھنجو، آرزو آھي اڱڻ. شال تنھنجو ٿئي، ڪڏھن موٽي اچڻ. ھيڪلي ”حسن“ ۾، سور ڪونھن سھڻ.

raat رات

رات رات سپنو ٽٽو ستاري جيان، چهرو چڻگُن جي صورت ۾، وکري ويو انڌاري ۾. چوٿين تاريخ جو چنڊ مُرڪي پيو آڪاش جي چپڙن جي صورت ۾. جاڳ منهنجي  ڇرڪ ڀري اُڏامي وئي، بادلن جيان. ياد تنهنجي  ماڪ جي صورت ۾  منهنجي اکڙين کي  چُمندي رهي. وسيهر جيان ڪنڌ کڻي اڀرندڙ باک جي ڏنگ کان ڦهلجي وئي نيراڻ هر عڪس ۾، هر شيءِ ٿي وئي غروب روشنيءَ جي قبر ۾. بس هڪ تنهنجي صورت هئي، جا واضع ٿي وئي.